پير نور شاهه بخاري

پير نور شاهه بخاري

پير نور شاهه بخاري

پير نور شاهه بخاري: پير نور شاهه بخاريءَ جي مزار شڪارپور ۾ نور شاهه محلي ۾ آهي. هي محلو سندس نالي پٺيان نور شاهه محلو سڏجي ٿو. سندس وڏا بلخ مان هجرت ڪري، اُچ ۾ آيا هئا، جتان هي شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا. هن درگاهه جا ستن پيڙهين کان خدمتگار چنا آهن.
چيو وڃي ٿو ته هي جملي ست ڀائر هئا: نبي شاهه، نور شاهه، طبيب شاهه، محمد شاهه، ڪمال شاهه، جعفر شاهه، ولايت شاهه، ڪن جي مطابق ته ڪڻڪ شاهه به سندن ئي ڀاءُ هو. انهن سڀني بزرگن جون مزارون شڪارپور ۾ آهن.
پير نور شاهه بخاري جي ولادت، وفات جي تاريخ ۽ ولديت جو پتو نٿو پوي. درگاهه سان لڳو لڳ مسجد شريف به آهي، جيڪا پڻ سيد نور شاهه بخاريءَ جي نالي سڏجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو